سنڌي ادب ۽ ثقافت تي اسلامي اثرات

سنڌي ادب ۽ ثقافت تي اسلامي اثرات

سنڌي ادب ۽ ثقافت تي اسلامي اثرات

سنڌي ادب ۽ ثقافت تي اسلامي اثرات (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري ليکڪ ’ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو تحرير ڪيل آهي. ڪتاب جي ابتداءِ ۾ ’پنهنجي پاران‘ عنوان ۾ قمر ميمڻ پنهنجا تاثرات ۾ لکي ٿو ته: ”هي ڪتاب سنڌ جي درخشان ۽ روشن ماضيءَ تي هڪ نرالو ۽ منفرد ڪتاب آهي.“ هن ڪتاب جي عنوانن ۾ مقدمو، تهذيب ۽ تمدن، اسلامي تهذيب جا بنيادي اصول، سنڌي ادب ۽ ثقافت تي اسلام جو اثر، قرآن حڪيم جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي قديم آثارن تي هڪ نظر، سنڌ جو تاريخي پس منظر، اروڙ فتح، سنڌ ۾ تصوف جي ابتداءِ ۽ ارتقا ۽ ماخذ وغيره شامل آهن. ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل سان هيءُ ڪتاب 258 صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب 1999ع ڌاري مهراڻ اڪيڊمي جي سهڪار سان ڇپجي پڌرو ٿيو. جڏهن ته ڪتاب جي قيمت 80 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو